سڪندر سومرو

سڪندر سومرو

سڪندر سومرو

سڪندر سومرو: سنڌي پورهيت سنگت جو اڳواڻ سڪندر سومرو، 2 ڊسمبر 1952ع تي ڳوٺ حاجي خان سومري تعلقي ميرو خان ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تائين تعليم حاصل ڪئي، غربت سبب اڳتي پڙهي نه سگهيو. اسڪول کي خيرباد چئي، والد سان گڏ دڪان تي سندس هٿ ونڊائيندو هو. ان بعد مزدوريءَ جي سلسلي ۾ ايران ويو، جتي ڪجھه وقت پورهيو ڪيائين، پر ڪجھه عرصي کان پوءِ موٽي اچي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ ڪينٽين کوليائين، ان وقت شاگرد سياست عروج تي هئي، ڪينٽين تي روزگار دوران قوم پرست شاگردن سان سندس ڏيٺ ويٺ ٿي ۽ انهن سان ڪچهريون ڪيائين. نوجوانن جو جذبو ڏسي سندس دل ۾ ڌرتيءَ جو درد جاڳيو ۽ هي به نوجوانن سان سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو. پوءِ جيئي سنڌ محاذ جي ذيلي تنظيم سنڌي پورهيت سنگت جو ميمبر ٿيو ۽ ڪل وقتي ڪارڪن ٿي پورهيتن جي مسئلن لاءِ جاکوڙڻ لڳو. مختلف صنعتي ادارن، ڪارخانن، شگر ملن، فيڪٽرين ۽ ٻين هنڌن تي جيڪي به مزدورن جا مسئلا ٿي رهيا هئا، انهن جي حل لاءِ سنڌي پورهيت سنگت تحرڪ وٺي رهي هئي. کيس شمسي توانائيءَ واري کاتي ۾ سرڪاري نوڪري به ملي، تڏهن به پورهيتن لاءِ هلندڙ جدوجهد کي ماٺو ٿيڻ نه ڏنائين. سرمائيدارن سان ٽڪراءَ سبب ڪيترائي ڀيرا جيل به ويو، اذيتون برداشت ڪيائين، پر ڪڏهن به نه جھڪيو ۽ نه ڪا مصلحت ڪيائين. جڏهن جيئي سنڌ قومي محاذ ٺهيو ته ان جي ذيلي تنظيم جيئي سنڌ پورهيت سنگت جو کيس مرڪزي عهديدار چونڊيو ويو. ڪجھه وقت بعد پورهيت سنگت کي ڇڏي، جيئي سنڌ متحده محاذ (جسمم) ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ ان جو مرڪزي عهديدار ٿيو. سڪندر هڪ ئي وقت پورهيو به ڪندو هو ۽ سياست به ڪندو هو. سياست ۾ سرگرم هئڻ سبب مٿس ڪيترائي ڪيس داخل ٿيا. کيس جسمم جي مرڪزي اڳواڻ اصغر شاهه سان گڏ گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪجھه ڏينهن کانپوءِ حيدرآباد مان سندس گرفتاري ظاهر ڪري کيس سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو ويو. هي جيل ۾ هو ته سندس ڪيس هلڻ شروع ٿيو ۽ عدالت کيس با عزت بري ڪري ڇڏيو. هو جيئن ئي جيل جي مک دروازي کان ٻاهر نڪتو ته اهلڪارن هٿان ٻيهر کنڀجي ويو ۽ ڏهن مهينن تائين تحويل ۾ رهيو. مٿس تمام گھڻو تشدد ٿيو، ڏهه مهينا ٽارچر سيل ۾ رکڻ کانپوءِ ڪڍڻ ٿاڻي ۾ ظاهر ڪيو ويو. پهريان کيس ضلعي جي سول عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ان بعد کيس ٻه سال سزا ڏئي سينٽرل جيل حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. جيل ۾ هو ته مٿس هڪ ڪيس هليو، جنهن مان باعزت بري ٿيو، ٻن سالن تائين جيل ڪاٽي 31 ڊسمبر 2005ع تي آزاد ٿيو. ٽارچر ٿيڻ ڪري جسماني طور ڪـمـزور ٿي ويو هو ۽ کيس ڪيتريون بيماريون ٿي پيون، جن سان جھيڙيندي 23 اپريل 2011ع تي حيدرآباد جي راجپوتانا اسپتال ۾ وفات ڪئي. کيس ڳوٺ حاجي سومري ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.12.02  عيسوي

سنڌي پورهيت سنگت جو اڳواڻ سڪندر سومرو، 2 ڊسمبر 1952ع تي ڳوٺ حاجي خان سومري تعلقي ميرو خان ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.


2011.04.23  عيسوي

سڪندر سومري 23 اپريل 2011ع تي حيدرآباد جي راجپوتانا اسپتال ۾ وفات ڪئي. کيس ڳوٺ حاجي سومري ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اثير عبدالقادر شاهواڻي
سمه بن ديوائچ
سوڀو ڀڳت
آسو ٻائي
خليفو حاجي لطف الله سانوڻي هالائي
سيد مظفر علي شاهه مظفر
آغا روشن علي پٺاڻ
چانڊيو نواب شبير احمد خان
آنند رامچند گولاڻي
بهلول لوڌي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون